جهومرا (تال)

جهومرا (تال): هي چوڏهن ماترائن جو تال آهي، جيڪو چئن حصن ۾ ورهايل آهي. هن جو پهريون ۽ ٽيون حصو ٽن ماترائن ، ٻيو ۽ چوٿون حصو چئن ماترائن جو هوندو آهي، جڏهن ته اٺون حصو خالي هوندو آهي، چوٿين ۽ يارهين حصي ۾ ماتراتي تالي ايندي آهي. پهريون ٺيڪو: ڌن ڌا ترڪٽ، ڌن ڌن ڌا تت، تن تا ترڪٽ، ڌن ڌن ڌا تت، ٻيو ٺيڪو: ڌن ڌا ترڪ، ڌن ڌن ڌا ترڪ، ڌن ڌن ڌا ترڪي، تن تا گي ترڪ ڌن ڌن ڌاڳي ترڪ ۽ ٽيون ٺيڪو: ڌن نا ڪڙنڪ، ڌن نا تت تا، ڪت تا ڪت نڪ، ڌن نا ڌن تا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو